Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:7
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“


جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.


اوهان جا منصوبا ڪوريئڙي جي انهيءَ ڄار مثل آهن، جنهن کي اوهين اُڻو ٿا پر انهيءَ مان ڪپڙو نہ ٿو ٺهي سگھي. هائو، اوهين پنهنجي اعمالن سان پاڻ کي ڍڪي نہ سگھندا. بلڪ اوهان جا منصوبا نانگ جي بيضن جيان آهن، جن کي ڦوڙڻ لاءِ اوهين مٿن آرو ٿا ڪريو. انهن بيضن مان جيڪو بہ کائي ٿو سو مريو ٿو پوي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪو ٽوڙيو ٿو وڃي، تہ منجھانئس ڪاريهر نانگ ٿو نڪري. بيشڪ اوهان جا اعمال بدڪاريءَ وارا آهن، ۽ اوهان جا هٿ ظلم جي ڪم ۾ رڌل آهن.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


تڏهن شاگردن اچي چيس تہ ”استاد! ڇا اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“


عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“


هاڻي جڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“


تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي صدوقي، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا


جڏهن فريسين هي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن اهي عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا.


اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


پوءِ يهودين جي انهن اڳواڻن ڪي فريسي ۽ ڪي هيروديس جا حمايت ڪندڙ ماڻهو عيسيٰ ڏانهن موڪليا، تہ جيئن اهي کيس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين.


پوءِ صدوقي، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا


عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.


جن کي موڪليو ويو هو تن مان ڪي فريسي بہ هئا.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“


پر جن فريسين ايمان آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو طهر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي شريعت تي هلن.“


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.


هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو هئس.


پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻهو هئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي رسولن خلاف اُٿي کڙا ٿيا


جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ديني ۽ بڇڙائيءَ سبب آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


هاڻ جڏهن هن جي قربانيءَ جي وسيلي اسين خدا ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.


۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ