Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 يوحنا کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن وراڻيو تہ ”هن کي جسم تي گھڻا وار هئا ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هئس.“ بادشاهہ چيو تہ ”اهو پڪ الياس تشبي آهي.“


انهيءَ کان ٽي سال اڳ ۾ خداوند يسعياہ ولد آموص کي فرمايو هو تہ ”اي يسعياہ! جتيءَ سميت پنهنجي بدن تان هر شيءِ لاهي ڇڏ.“ يسعياہ ائين ئي ڪيو ۽ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو گھمندو ڦرندو رهيو.


يعني مڪڙن ۽ تڏين جا سمورا قسم.


انهيءَ ڏينهن نبي سڏائيندڙ پنهنجي پيغام ٻڌائڻ کان شرمندا ٿيندا. پوءِ اهي ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ وري نبين جي پائڻ وارا خسيس جبا نہ پائيندا.


پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.


ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ روزي جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘


پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاهن جي محلن ۾ هوندا آهن.


يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو.


هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“


ملڪ جا مٿاهان علائقا بہ هن سندن قبضي ۾ ڏنا، ۽ زرخيز ٻنين جو ڦل کارايائين. هن ٽڪر منجھان ماکي ڪڍي کين چوسائي، ۽ چقمقي جبل منجھان زيتون جو تيل مهيا ڪري ڏنائين.


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ