Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 يحيٰ اهو ئي هو جنهن لاءِ يسعياہ نبيءَ جي معرفت چيو ويو هو تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 يوحنا اهو ئي هو جنهن لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت چيو ويو هو تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪارڻ وارو وڏي واڪي چوي ٿو تہ ”بيابان ۾ خداوند جي لاءِ رستو تيار ڪريو. هائو، ريگستان ۾ اسان جي خدا لاءِ واٽ سڌي ڪريو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“


هاڻي رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“


هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“


هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


تنهن تي يحيٰ يسعياہ نبيءَ جا هي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اهو آواز آهيان، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’خداوند جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ