Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ پٽ ۾ منادي ڪندو آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڪجھہ سالن کان پوءِ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ پرچار ڪندو پئي وتيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يهويدع جي پٽ بناياہ وڃي قربان‌گاهہ وٽ ئي يوآب تي حملو ڪري کيس ماري وڌو. کيس بيابان ۾ سندس ئي گھر ۾ دفن ڪيو ويو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي.


جڏهن اهي هليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟


انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ نبي يا ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“


ان جو سبب هي آهي تہ يحيٰ جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين هن تي يقين ڪيو انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“


اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.


”وقت اچي ڀريو آهي ۽ خدا جي بادشاهي ويجھي آئي آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“


يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”خدا چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘


هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


جڏهن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏهن عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟


انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي.


موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ