Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:56 - Muslim Sindhi Bible

56 انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي زال جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ هئي سي پڻ شامل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

56 انهن ۾ مريم مگدليني ۽ يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

56 انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماتا مريم ۽ زبديءَ جي پتني جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا هئي سي پڻ شامل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

56 انھن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:56
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.


سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.


مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.


عيسيٰ آچر ڏينهن صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا.


جن عورتن انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون.


ڪي عورتون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا،


عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ، ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي.


پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند عيسيٰ ساڻس ڪيون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ