Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:43 - Muslim Sindhi Bible

43 هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 هو ايشور تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ ايشور هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 ھو خدا تي ڀروسو ٿو رکي ۽ چوي ٿو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان‘ تہ پوءِ ھاڻي ڏسون تہ خدا ھن کي ڪيئن ٿو بچائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:43
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي غريبن جي رٿن کي بگاڙڻ ٿا چاهين، پر خداوند خود انهن مسڪينن جي پناهہ‌گاهہ ٿو بڻجي.


”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“


ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“


حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو. ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟


”جنهن خدا تي تون ڀروسو ٿو ڪرين سو تو کي ائين چئي دوکي ۾ ٿو رکي تہ تنهنجو يروشلم شهر مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.


”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“


ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“


کيس چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن تون يهودين جو بادشاهہ آهين تہ پاڻ کي بچاءِ.“


جڏهن تہ آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“


سو جڏهن پيءُ پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن دنيا ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان‘؟


تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جو فرزند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ