Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:42 - Muslim Sindhi Bible

42 ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو بادشاهہ؟ هاڻي صليب تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 ۽ ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن، فقيهن ۽ بزرگن سان گڏجي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو راجا؟ هاڻي سوليءَ تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي وشواس آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:42
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“


انهن صليب تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي عيسيٰ آهي، يهودين جو بادشاهہ.“


”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“


ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ


ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي چون پيا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي.


هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو بادشاهہ، ڪيئن ٿو صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻهو صليب تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.


”سڀاڳو آهي اهو بادشاهہ، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! شل آسمان تي سلامتي ۽ عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“


کيس چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن تون يهودين جو بادشاهہ آهين تہ پاڻ کي بچاءِ.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“


سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“


جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ گنهگار قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ دنيا کي گنهگار قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.


سو انهن وري انهيءَ ماڻهوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو هو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو قسم کڻ تہ سچ ڳالهائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ تو کي ديد ڏني سو گنهگار آهي.“


جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن رسولن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ