Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:41 - Muslim Sindhi Bible

41 ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 هن ٻين کي ٿي بچايو، پر پاڻ کي نٿو بچائي سگهي. هو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ هاڻ ڀلي تہ صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين مٿس ايمان آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:41
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رکو، متان هو ڦري اوهان جي حقيقت جاچي، ۽ پوءِ اوهان لاءِ اهو چڱو نہ ٿئي، ڇو تہ اوهين انسان سان تہ ٺڳي ڪري سگھو ٿا، پر خدا سان ٺڳي ڪري نہ سگھندا.


منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!


تنهنڪري هاڻي اوهين انهيءَ تنبيهہ تي ٽوڪبازي نہ ڪريو، متان اوهان کي قيد ٿيڻ وقت اڃا وڌيڪ مصيبت جو منهن ڏسڻو پوي. انهيءَ سبب جو خداوند قادرِمطلق کان مون ٻڌو آهي تہ هُن سڄي ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“


هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.


”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“


”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو بادشاهہ؟ هاڻي صليب تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.


هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا.


هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.


ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ