Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪريني جو هڪڙو ماڻهو، شمعون نالي ڏٺائون: انهي کي بيگر ۾ جهلي پاڻ سان وٺي ويا تہ يسوع جو صليب کڻي هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 جڏھن ھو وڃن پيا تہ انھن کي ڪرين شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو جنھن جو نالو شمعون ھو. انھيءَ تي ھنن زور رکيو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻہ بدمعاش ماڻهو هن جي سامهون ويهاريو ۽ انهن کان نابوت خلاف شاهدي ڏياريو تہ نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.“


پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي.


پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي.


جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بي‌عيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ڪو بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنهن سان هو ٻہ ڪلوميٽر هليو وڃي.


رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.


جيئن سپاهي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اهو کڻي عيسيٰ جي پٺيان هلي.


هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن.


پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.


انطاڪيا جي ڪليسيا ۾ خدا جو پيغام ڏيندڙن ۽ استادن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو بادشاهہ هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.


فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آس‌پاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر،


پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ عبادت‌خاني جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا.


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ