Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:31 - Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ جڏهن ساڻس مسخريون ڪري رهيا، تڏهن اُها قبا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪائي صليب تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 جڏھن اھي چٿرون ڪري چڪا تہ اھو قرمزي جبو لھرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پھرايائونس. پوءِ ھو کيس ٻاھر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:31
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻہ بدمعاش ماڻهو هن جي سامهون ويهاريو ۽ انهن کان نابوت خلاف شاهدي ڏياريو تہ نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.“


پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي. پوري قوم خيمي‌گاهہ جي ٻاهران کيس سنگسار ڪري.“


پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.“


تڏهن انهن هن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“


”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ عيد فصح ايندي. ڏسو، تڏهن ابنِ آدم کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“


جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي عيسيٰ کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا.


وري انهيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماءُ آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو شاگرد عيسيٰ جي ماءُ کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو.


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


ساڳئي نموني عيسيٰ بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پاڪ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ