Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربان‌گاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.“


هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“


ان مهل ڪن ماڻهن عيسيٰ کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي قرباني ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو.


پوءِ هو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.


تڏهن يهودي ڪائونسل وارا سڀيئي اُٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي يهوديہ صوبي جي رومي گورنر پلاطس وٽ وٺي آيا.


انهيءَ ئي ڏينهن پلاطس ۽ هيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙهيل هئا.


تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.


تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.


پوءِ حَنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا ڏانهن ڏياري موڪليو.


ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.


جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.


ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“


جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“


پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا هئا، سي کيس هڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏهن اها خبر پيئي تہ هو رومي آهي تہ هو ڏاڍو ڊڄي ويو جو هن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو هو.


پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.


اهو ئي سبب هو جو مون اوهان کي پاڻ وٽ گھرايو آهي تہ اوهان سان ملان ۽ ويهي ڳالهہ ٻولهہ ڪريان. آءٌ انهيءَ مسيح جي خاطر هن زنجير ۾ ٻڌو ويو آهيان، جيڪو بني اسرائيل جي اميد آهي.“


ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادت‌خانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر خدا جي پيغام کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


هنن چيس تہ ”اسين آيا آهيون تہ تو کي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون.“ تڏهن سمسون کين چيو تہ ”مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون کي قتل نہ ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ