Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ عيسيٰ ڪجھہ بہ نہ چيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ بزرگن هن تي ڏوهہ مڙهيا، تڏهن ڪوبہ جواب نہ ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن سردار ڪاھن ۽ چڱا مڙس مٿس تھمتون ھڻڻ لڳا تہ انھن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


تنهنڪري پلاطس هن کي چيو تہ ”ڇا تون هي سڀ ڳالهيون نہ ٿو ٻڌين جيڪي هي تو تي مڙهين ٿا؟“


پر عيسيٰ جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنهن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.


سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.


پاڪ ڪلام جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ ”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ