Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:70 - Muslim Sindhi Bible

70 پر هن انهن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

70 پر هو سڀني جي اڳيان انڪار ڪري چوڻ لڳو، تہ مون کي خبر نہ آهي تہ تون ڇا ٿي چوين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

70 پر هن انهن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

70 پر ھن انھن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:70
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو رڳو پنهنجي سوچ تي ڀروسو ٿو رکي سو بي‌عقل آهي، مگر جيڪو عقلمندن جي راهہ تي ٿو هلي، سو سلامتيءَ ۾ رهي ٿو.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو.


بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.


اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


تنهن تي عيسيٰ جي ساٿين مان هڪڙي سٽ ڏيئي پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ نبين جي معرفت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو.


هوڏانهن پطرس جيڪو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺو هو تنهن کي هڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيو تہ ”تون بہ تہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ هئين.“


پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ هو.“


پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“


ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي ايمان نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي ايمان آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.


تنهنڪري جيڪو پاڻ کي اهڙين ڳالهين تي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار رهي متان ڪري نہ پوي.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ