Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:65 - Muslim Sindhi Bible

65 انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ڪفر بڪيو آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

65 تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

65 انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ايشور جي نندا ڪئي آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ ٻڌا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

65 انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:65
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي عملدار اعليٰ واريون ڳالهيون ٻڌايون.


پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.


نڪي وري ڪو ڪُٻڙو، بِندرو يا جنهن جي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڪا چمڙيءَ جي بيماري هجي يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن.


تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.


تنهن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ڪفر ٿو بڪي.“


تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ڪفر بڪڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏين ٿو.“


سو جڏهن پيءُ پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن دنيا ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان‘؟


پر جڏهن انهن ٻنهي تبليغ ڪندڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ