Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:53 - Muslim Sindhi Bible

53 تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 يا تون ڀانئين ٿو تہ آئون پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري نٿو سگهان ڇا، تہ هو هينئر جو هينئر مون ڏانهن ٻارهن فوجن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

53 تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پتا کي وينتي ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي دوت موڪلي ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

53 تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:53
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اليشع دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! مهرباني ڪري هن جون اکيون کول تہ هي ڏسي.“ تڏهن خداوند انهيءَ خدمتگار جون اکيون کوليون ۽ هن ڇا ڏٺو تہ اليشع جي چوڌاري وارو ٽڪر سندس حفاظت لاءِ باهہ جي گھوڙن ۽ گاڏين سان ڀريو پيو آهي.


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


پوءِ ابليس هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم ملائڪ اچي پهتا ۽ عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لڳا.


هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.


عيسيٰ پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“


عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو تہ ”لشڪر،“ ڇاڪاڻ تہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو هو.


منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي. جيڪڏهن اها هن دنيا جي هجي ها تہ جيڪر منهنجا خدمتگار منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي.“


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو


حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، خداوند پنهنجي لکين ملائڪن سان ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ