Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:48 - Muslim Sindhi Bible

48 انهيءَ دغاباز هنن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چمي ڏيان سو ئي عيسيٰ هوندو ۽ اوهين کيس پڪڙجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، تہ جنهن کي آئون چُمان ٿو سو اٿوَ، اُنهي کي جهلجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 انهيءَ دغاباز هنن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چمي ڏيان سو ئي يسوع هوندو ۽ اوهين کيس پڪڙجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:48
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


مون کي انهن بدڪارن ۽ بڇڙن سان گڏ نہ گهلجانءِ، جيڪي مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون تہ ڪن ٿا، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي.


عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي شاگرد آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.


سو هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي استاد! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي عيسيٰ هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ