Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پوءِ هو ٽنهي شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ۽ هو شاگردن وٽ آيو، ۽ انهن کي سمهيل ڏسي پطرس کي چوڻ لڳو تہ هي ڇا، اوهين هڪڙي گهڙي بہ مون سان سجاڳ رهي نہ سگهيا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پوءِ هو ٽنهي چيلن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو سمھيا پيا آھن. تنھن تي ھن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوھين ھڪڙو ڪلاڪ بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:40
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ اخي‌اب جواب ڏنو تہ ”وڃي بن‌هدد کي ٻڌايو تہ ’جنگي جوڌا جنگ کان پوءِ ٻٽاڪون هڻندا آهن، جنگ کان اڳ ۾ نہ.‘“


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


جڏهن گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تڏهن ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اهي سمهي پيون.


پر پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.


سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“


جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“


پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ هو وري ستا پيا آهن، ڇو تہ اهي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.


پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي شاگرد سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“


جڏهن هو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانهن موٽي آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آهن.


ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.


صبح جو سج اڀرڻ شرط اُٿي شهر تي حملو ڪريو. جڏهن جعل پنهنجي ماڻهن سميت توهان سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪري اچي تڏهن توهان کان جيڪي پڄي سگھي سو ساڻن ڪريو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ