Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:31 - Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:31
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي انهيءَ آفت جي ڪري منهنجا دوست ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، بلڪ منهنجا مٽ مائٽ بہ منهنجي ويجھو نہ ٿا اچن.


مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.


تنهنجي هن مصيبت ڏيڻ جي ڪري منهنجا ساٿي ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، هاڻ تہ اونداهي ئي منهنجي ساٿي ۽ رفيق آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


مون پنهنجي چاهيندڙن کي مدد لاءِ سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي. منهنجا بکايل ڪاهن توڙي اڳواڻ بہ مون ۾ ٽڪر ڳڀي جي ڳولا ڪندي ڪندي موت جي منهن ۾ هليا ويا.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ نبين جي معرفت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون سان گڏ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ