Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جا بزرگ قائفا نالي سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اچي گڏ ٿيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي گڏجي ڇپي ٿا ويهن ۽ مون کي تاڙين ٿا. هو منهنجي ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.


مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“


هوڏانهن پطرس جيڪو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺو هو تنهن کي هڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيو تہ ”تون بہ تہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ هئين.“


پوءِ اهي سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.


پطرس بہ عيسيٰ جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو.


هوڏانهن پطرس اڃا اڱڻ ۾ ئي ويٺو هو تہ وڏي سردار ڪاهن جي هڪ نوڪرياڻي اتي آئي.


سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون.


جڏهن تہ ڪي ماڻهو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا هئا، سو پطرس بہ اچي انهن سان گڏجي ويٺو.


جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يحيٰ تي نازل ٿيو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ رهندو هو.


سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ عيسيٰ ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“


پوءِ حَنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا ڏانهن ڏياري موڪليو.


ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ