Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ اڃا کاڌائون ويٺي، تہ هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 رسوئي کائيندي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ عيد فصح ايندي. ڏسو، تڏهن ابنِ آدم کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“


شاگرد ڏاڍا غمگين ٿي ويا ۽ هڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”اي خداوند! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“


”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پاڪ ڪلام جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘


جڏهن عيسيٰ هي چئي چڪو، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ کُليو کُلايو چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا تہ هن اها ڳالهہ ڪنهن بابت چئي آهي.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ