Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:18 - Muslim Sindhi Bible

18 عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي شاگردن سميت عيد فصح اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هن چيو تہ شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو، ۽ چئوس تہ اُستاد ٿو چوي، تہ منهنجو وقت ويجهو آهي؛ آئون پنهنجن شاگردن سوڌو تنهنجي گهر ۾ فسح جي عيد ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’استاد کي انهن جي ضرورت آهي.‘ پوءِ هو هڪدم اوهان کي اهي ڪاهڻ ڏيندو.“


نہ وري اوهين مرشد سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي مرشد آهي يعني مسيح.


پر اوهين ’سائين‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سائين آهي.


شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين چيو هو ۽ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪيائون.


”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ عيد فصح ايندي. ڏسو، تڏهن ابنِ آدم کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“


سو هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي استاد! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


عيسيٰ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“


آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“


هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيندو.


هاڻ جيئن تہ عيسيٰ کي اها خبر پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجا هئس تن کي هو آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان هڪ ڏينهن اڳ ۾


انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي بابا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي فرزند جو جلوو ظاهر ڪر تہ جيئن فرزند جي معرفت تنهنجو جلوو ظاهر ٿئي.


عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا استاد!“


تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي.


اوهين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ هن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ