Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 25:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇو تہ اسان جا ڏيئا وسامن ٿا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اياڻين سياڻين کي چيو تہ پنهنجي تيل مان ڪجهہ اسان کي بہ ڏيو، ڇالاءِ جو اسان جون ڏياٽيون ٿيون اُجهامن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 تڏهن اياڻين ڪنيائن سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇو تہ اسان جا ڏيئا وسامن ٿا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تڏھن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇوتہ اسان جون ڏياٽيون وسامن ٿيون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 25:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هرگز نہ، اٽلندو هو شريرن جي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيندو، اهي ڏيئي جي انهيءَ لاٽ وانگر ٿيندا، جيڪا وري روشن نہ ٿيندي.


”ڀلا، انهن بدڪارن جي زندگيءَ جو ڏيئو ڪڏهن اُجھاميو آهي؟ ڇا انهن مان ڪنهن تي ڪا آفت بہ نازل ٿئي ٿي؟ ڇا خدا پنهنجي ڪاوڙ ۾ مٿن ڏکن مٿان ڏک موڪلي ٿو؟


تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.


سچار ماڻهو روشن ۽ چمڪندڙ ڏيئي مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهو وسامندڙ ڏيئي جيان آهن.


جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي.


”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندي جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


تنهن تي اهي ڇوڪريون اُٿي کڙيون ٿيون ۽ پنهنجا ڏيئا ٺيڪ ڪرڻ لڳيون.


پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آهي جو اسان ۽ اوهان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوهين وڃي پنهنجي لاءِ دڪان تان تيل وٺي اچو.‘


ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو.


تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘


تنهنڪري منهنجي چيل ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو، ڇو تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جنهن کي هو پنهنجو سمجھي ٿو.“


تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“


بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو واعدو اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ