Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 25:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندي جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تڏهن آسمان جي بادشاهت ڏهن ڪنوارين جي مثل آهي، جي ڏياٽيون کڻي گهوٽ کي گڏجڻ لاءِ نڪتيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ”منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندو جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي آڌرڀاءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 25:1
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون.


تنهنجي خوشبوءِ ايڏي تہ مٺڙي آهي، جو گھڻيون ئي ڪنواريون تو تي فدا آهن. تنهنجي نالي جو ذڪر ائين آهي، جيئن عطر ڦهليل هجي.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جيڪڏهن منهنجي محبوب کي ڏسو تہ کيس ٻڌائجو تہ آءٌ سندس سڪ ۾ پيئي ڳران.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.


عيسيٰ انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.


۽ ٻني هيءَ دنيا آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي ابليس سان واسطو رکن ٿا.


”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ ڪي مهاڻا پنهنجو ڄار ڍنڍ ۾ اڇلائين ٿا، جنهن ۾ هر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري.


هن چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي.


تنهن تي اهي ڇوڪريون اُٿي کڙيون ٿيون ۽ پنهنجا ڏيئا ٺيڪ ڪرڻ لڳيون.


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.


سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.


گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


جنهن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي هئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا.


آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.


مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس عظمت ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي.


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


پوءِ اهي ست ملائڪ جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي زال آهي.“


انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن.


جڏهن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ