Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:43 - Muslim Sindhi Bible

43 انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 پر هيترو ڄاڻجو تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ ڪهڙي پهر ۾ چور ايندو تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها، ۽ پنهنجي گهر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي سڌ هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:43
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جي اونداهيءَ ۾ چور گھرن کي کاٽ هڻن ٿا، جڏهن تہ ڏينهن جو پاڻ کي لڪايو ڇڏين، هو روشنائيءَ کان واقف ئي ڪين آهن.


منهنجو مڙس گھر ۾ ڪونهي، بلڪ ڏورانهين سفر تي روانو ٿي ويو آهي.


رات جي پوئين پهر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو.


انهن پئسا تہ کنيا پر باغ جي مالڪ خلاف ڪُرڪڻ لڳا تہ


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو خداوند ايندو.


انهيءَ ڪري اوهان کي هر وقت تيار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ابنِ آدم اهڙي وقت ايندو جنهن جو اوهان کي گمان بہ نہ هوندو.“


جڏهن اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پهتو. سو اهي پنج ڇوڪريون جيڪي تيار هيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي دعوت ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي خبر نہ آهي.“


تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي.


پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو.


سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پهر اچي تہ بہ انهن کي سجاڳ ڏسي، تہ اهي نوڪر ڪهڙا نہ سڀاڳا آهن.


اهو بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور ڪهڙيءَ مهل ايندو، تہ هو جيڪر پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“


انهيءَ ڪري خداوند عيسيٰ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي پيغام قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ تعليم تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ