Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:39 - Muslim Sindhi Bible

39 انهن کي ڪا خبر ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. ابنِ آدم جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ جيسين ڪ ٻوڏ آئي ۽ انهن سڀني کي لوڙهي ويئي، تيسين انهن کي خبر ڪانہ هئي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 انهن کي ڪا سڌ ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. منش‌پتر جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:39
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا.


هن کي جيڪڏهن ڪي رهڙا بہ اچن ٿا، پر کيس اهو معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ ساڻس ڇا وهيو واپريو آهي. تڏهن هو ليٽيندي ئي پاڻ کان پڇي ٿو تہ ”ڇا مون کي ڪنهن مار ڏني آهي؟ پر مون کي خبر نہ آهي. ڪاش! آءٌ جاڳي پوان تہ جيئن ڪجھہ وڌيڪ شراب پيئان.“


ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.


سچار ماڻهو غريبن جي حقن جو خيال ٿا رکن، مگر بدڪار ماڻهو انهن جي حقن ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“


ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.


انهيءَ وقت جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.


اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


پر هيءَ ڳالهہ انهن ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏي آهي تہ خدا جي حڪم سان قديم زماني ۾ آسمان وجود ۾ آيا ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ قائم آهي.


پوءِ بني اسرائيل مان ڏهہ هزار چونڊ ماڻهن جِبعت شهر تي سامهون ڪاهہ ڪئي. جنگ ڏاڍي سخت هئي. پر بني بنيامين نہ ٿي ڄاتو تہ ڪا مصيبت مٿن ڪڙڪڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ