متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:30 - Muslim Sindhi Bible30 ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible30 ۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible30 ان وقت منشپتر جي نشاني آڪاش ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو منشپتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament30 پوءِ ابنآدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابنآدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.