Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:27 - Muslim Sindhi Bible

27 ابنِ آدم جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ تہ جيئن وڄ اُڀرندي کان کنوندي الهندي تائين چمڪاٽ ڪندي آهي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 منش‌پتر جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آڪاش ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ان کنوڻ وانگر ٿيندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولھہ تائين چمڪندي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:27
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي وڄ کي عرش کان هيٺ ٿو موڪلي، ۽ اها ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين وڃيو پهچي.


ڇا تون وڄ کي ائين چئي روانو ڪري سگھين ٿو تہ ’وڃي نشاني تي لڳ؟‘ ڇا اها موٽي اچي تو کي چوندي تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان؟‘


انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.


اهي ساهوارا وڄ جي تجليءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن پئي ٿيا.


آءٌ خداوند جڏهن جنگ جي نفيل وڄائيندس، تڏهن ڏکڻ جي طوفان جيان اچي ڪڙڪندس، ۽ پنهنجا تير کِنوڻ جي صورت ۾ دشمنن تي ڪيرائيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ خداوند پنهنجي قوم تي پاڻ کي ظاهر ڪندس.


جڏهن اهو پيغمبر ظاهر ٿيندو تڏهن ڪوبہ سندس اڳيان بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگر آهي.


پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


سو جيڪڏهن ڪي اوهان کي چون تہ ’ڏسو، هو رڻ‌پٽ ۾ آهي‘ تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو يا وري ڪي چون تہ ’ڏسو، هو اندرين ڪمري ۾ لڪل آهي‘ تہ يقين نہ ڪجو.


عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“


ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.


انهن کي ڪا خبر ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. ابنِ آدم جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو.


انهيءَ ڪري اوهان کي هر وقت تيار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ابنِ آدم اهڙي وقت ايندو جنهن جو اوهان کي گمان بہ نہ هوندو.“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


اوهين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ جو اچڻ ويجھو آهي.


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ