Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا سنسار جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو ان وقت وڏي مصيبت ايندي، اھڙي مصيبت جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينھن تائين نڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:21
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن تي اهڙي خوفناڪ سزا آڻيندس، جيڪا مون نہ ڪڏهن اڳ آندي آهي، نہ ئي وري اڳتي ڪڏهن آڻيندس.


مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


ٻڌو، اي عمر رسيدؤ! بلڪ هن ملڪ يهوداہ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. ڇا اوهان جي يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪا ههڙي ڳالهہ ٿي آهي؟


اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


خدا کان دعا گھرو تہ شل اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينهن نہ ٿئي،


”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادت‌خانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ