Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:19 - Muslim Sindhi Bible

19 انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پر افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 انهن ڏينهن ۾ جيڪي ناريون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 انھن ڏينھن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.


مناحم جڏهن ترضہ کان ڪاهہ ڪيون پئي آيو تڏهن هن رستي تي تفسح شهر کي ۽ سندس رهاڪن ۽ ان جي آس‌پاس وارن کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو، ايستائين جو هن پيٽ وارين عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتان جي ماڻهن هن لاءِ دروازو کولڻ کان انڪار ڪيو هو.


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“


۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي.


خدا کان دعا گھرو تہ شل اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينهن نہ ٿئي،


افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ