Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ان وقت گھڻا ئي گمراهہ ٿيندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ان وقت گھڻا ئي ڀَٽڪي ويندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا.


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


پر اهو پيغام انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


سو انهن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“


گھڻا ئي نبي سڏائيندڙ ظاهر ٿيندا ۽ گھڻن ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.


ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو.


پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


اوهان جا ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ ايمان وارا مون کان منهن موڙي ويا آهن.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل خدا کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ