Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ييهوءَ کيس چيو تہ ”مون سان گڏجي هل ۽ ڏس تہ خداوند لاءِ مون کي ڪيڏي نہ غيرت آهي.“ پوءِ هو ساڻس گڏ سندس جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ روانو ٿيو.


اها رسم توهان وٽ ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شريعت توهان جي زبان تي هجي. جيئن تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان توهان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي،


ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.


ستين ڏينهن ڪاهن انهيءَ ڦٽ کي وري چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مَلو پکڙيو نہ هجي ۽ انهيءَ ۾ پيلا وار بہ نہ هجن، نڪي اهو مَلو چمڙيءَ کان اونهو هجي،


هلندي هلندي هڪڙي عورت، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن عيسيٰ جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو.


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“


اهي رنن‌زالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنو ويندو.“


اهي خدا جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان عزت حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.


اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي عزت ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي عزت ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.


تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن.


جيڪا چادر اوهين پاڻ کي ويڙهيو ٿا، تنهن جي چئن ئي ڪنڊن تي هڪ هڪ جھالردار ڦندڻ لڳائجو.“


انهن کي اوهين يادگيريءَ لاءِ پنهنجين ٻانهن تي ٻڌي ڇڏيو ۽ پنهنجي نرڙ تي ٽڪي وانگر هڻي ڇڏيو.


پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان حسد ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان.


ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ