Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. ڪڏهن تہ مردوڪ ۽ نبو ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ڀڄندڙ انهن کي کنيو پيا وتن، انهن جون مورتيون گڏهن تي لڏيل آهن. هائو، اهي ٿڪل جانورن تي لڏيل ٻوجھہ مثل آهن.


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، رحم ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.


تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.


تہ پوءِ اوهين خدا کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي ايمان آڻيندڙن تي شريعت جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟


پاڪ روح ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون


طهر ڪرائڻ وارا تہ پاڻ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.


خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


پر اوهين ٿواتيرہ جي ڪليسيا جا باقي ماڻهو ايزبل جي تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ