Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 تنھن ڪري ھاڻي اوھين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻھو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو.


منهنجي قوم جي مصيبت واري ڏينهن اوهان کي چوواٽي تي بيهي جان بچائي ڀڄڻ وارن ماڻهن کي پڪڙي دشمنن جي حوالي ڪرڻ نہ گھربو هو.“


انهن وراڻيو تہ ’انهيءَ ڪري جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن بہ ڪين بيهاريو آهي.‘ تنهن تي هن چين تہ ’چڱو، اوهين بہ وڃي منهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘


تنهن تي اهي نوڪر ٻاهر نڪري ويا ۽ رستن تي جيڪي بہ چڱا مَٺا ماڻهو منهن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. ايتري قدر جو شاديءَ جي دعوت واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.


پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا.


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


پاڪ روح ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اي خداوند عيسيٰ! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو آبِ‌حيات مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ