Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ڏسو، جڏهن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن خدا جي حضور ۾ رهندڙ ملائڪ آهن تيئن اهي هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ڇالاءِ جو قيامت ۾ ماڻهو نڪي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن بهشت ۾ ملائڪ آهن تيئن ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 ڏسو، جڏهن مري ويل جيوت ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن ايشور جي شرڻ ۾ رهندڙ دوت آهن تيئن اهي هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اھي پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، پر جيئن بھشت ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي ھوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.


”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.


پوءِ سچار پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟


انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.


انهن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا رهيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رهيا. پوءِ اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو ۽ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ