متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:3 - Muslim Sindhi Bible3 هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو دعوت تي اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible3 هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو رسوئي کائڻ اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament3 ھن دعوتين ڏانھن پنھنجا نوڪر موڪليا تہ ھو دعوت تي اچن، پر اھي اچڻ نہ پيا گھرن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.
انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.