Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! موسيٰ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رن‌زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 اي اُستاد، موسيٰ چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ اولاد ڪونہ هجيس، تہ انهي جو ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! موسيٰ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رن⁠زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.


تڏهن يهوداہ پنهنجي پٽ اونان کي چيو تہ ”پنهنجي ڀاڄائيءَ سان ڏير جو فرض ادا ڪر تہ جيئن تنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري رهي.“


پوءِ فريسين پنهنجن شاگردن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي عيسيٰ ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


اسان ۾ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين ڀاءُ شادي ڪئي پر بي‌اولاد مري ويو، تنهنڪري هن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو.


”جيڪي مون کي ’خداوند، خداوند‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.


۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ شريعت ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رن‌زال پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘


”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بي‌اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘


هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اها عورت انهن ستن مان ڪنهن جي زال ٿيندي؟“


”اوهين ڇو مون کي ’خداوند، خداوند‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟


پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟


باقي رات هتي ترسي پئُہ. صبح جو جيڪڏهن انهيءَ تنهنجو عيوضو ڀريو تہ سٺو. جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀري تو تي هٿ رکندس. هاڻ صبح تائين هتي ئي ليٽي پئُہ.“


تڏهن بوعز کيس چيو تہ ”جنهن ڏينهن تون اها ٻني نعوميہ کان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن تو کي رُوت موآبڻ کي بہ وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ فوتيءَ جي زال آهي، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ