Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو شهنشاهہ سلامت کي معلوم هجي تہ جيڪڏهن اهو شهر وري تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون پوريون ٿي ويون تہ اهي ماڻهو ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ اوهان کي خراج جي وصوليءَ ۾ نقصان پهچندو.


اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“


اڃا ٻين بہ چيو پئي تہ ”اسان پنهنجين ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي ڍل شهنشاهہ کي ڏيڻ لاءِ پئسا اڌارا ورتا آهن.


اسان جي گناهن جي ڪري اسان جي زمين جي اپت جو گھڻو حصو انهن بادشاهن ڏانهن ٿو وڃي، جيڪي تو اسان تي مقرر ڪيا آهن. هو اسان تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي، جيئن وڻين ٿو تيئن اختيار ٿا هلائين. سو اسين ڏاڍي مصيبت ۾ آهيون.“


حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.


تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا بادشاهہ ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“


عيسيٰ انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟


يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي.


هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.


۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو عيسيٰ آهي.“


پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي شريعت جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“


سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“


ان کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي ظاهر ٿيو ۽ هن ڪيترائي ماڻهو پنهنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ