Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي آسمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اي عرش عظيم تي رهڻ وارؤ! خداوند کي سڳورو چئو.


جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“


جڏهن سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا.


آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“


جڏهن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“


هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون مون کي تيستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ