Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ ماڻهن مان گهڻن ئي پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون وڍي اُهي کڻي رستي تي پکيڙيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ھڪ تمام وڏي ميڙ مان ڪن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون آڻي رستي تي پکيڙي ڇڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:8
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهن مان هر هڪ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي چادر لاهي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇائي. پوءِ هنن نفيلون وڄائي وڏي واڪي چيو تہ ”ييهو بادشاهہ آهي.“


پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


اُهي گڏهِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاهي آيا، مٿن پنهنجيون چادرون وڌائون ۽ عيسيٰ انهيءَ تي سوار ٿي ويٺو.


ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون عيسيٰ جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون.


پوءِ جيئن عيسيٰ ان تي سوار ٿي هلندو ٿي رهيو، تيئن ماڻهو پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا.


سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ