Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:21 - Muslim Sindhi Bible

21 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 يسوع کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين وشواس رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانهن وڃڻ لڳو.


عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو ايمان ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“


شاگرد اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“


پر جيڪي انهيءَ بادشاهيءَ جا وارث آهن تن کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“


جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ