Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ عيسيٰ انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت‌عنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هو انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت عنياہ ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ٽڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ يسوع انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت‌عنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ عيسيٰ انھن کي ڇڏي شھر مان نڪري بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي ھو رات ٽڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم! ڪجھہ سمجھہ کان ڪم وٺ، نہ تہ آءٌ تو کان منهن موڙي ڇڏيندس ۽ تو کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.“


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


عيسيٰ بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ موجود هو.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن شاگردن کي چيو تہ


عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن شاگردن سان گڏ بيت‌عنياہ ڏانهن هليو ويو.


جڏهن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شهر مان نڪري هليا ويا.


عيسيٰ جڏهن بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ هڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي هاريائين.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي عورت پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو.


جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ هن ٻن شاگردن کي هي هدايتون ڏيئي روانو ڪيو تہ


پوءِ عيسيٰ انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ برڪت گھريائين.


يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيت‌عنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن خداوند عيسيٰ جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا.


جيئن تہ يروشلم بيت‌عنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ