Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ئي ننڍڙن ٻارن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي، تان‌تہ تون پنهنجي دشمنن ۽ مخالفن کي ماٺ ڪرائين.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوهان پاڪ ڪلام نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ خالق انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو


مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟


انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.


عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“


افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ