Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:12 - Muslim Sindhi Bible

12 عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتي⁠ليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند لاءِ ساڙڻ جي قرباني پکين مان ڪري، تہ هو ڳيري يا ڪبوتر جي قرباني پيش ڪري.


پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ لاءِ پٽ يا ڌيءَ جا مقرر ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هوءَ هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو ڪبوتر يا هڪڙو ڳيرو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، جيڪي بہ آڻي سگھي سي پڻ آڻي. انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.


پوءِ جيڪي ڳيرا يا ڪبوتر اهو ماڻهو آڻي سگھيو هجي،


اٺين ڏينهن تي هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي.


اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن شاگردن سان گڏ بيت‌عنياہ ڏانهن هليو ويو.


اهي شريعت موجب مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني بہ کڻي آيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“


يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ