Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا تن جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رهيو آهي تڏهن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ ڏسو، ٻہ انڌا جي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع ٿو لنگهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع لنگھي رهيو آهي تڏهن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سوامي، راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا ھئا تن جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:30
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ئي انڌن جون اکيون کولي ٿو، ۽ جيڪي مشڪلاتن ۾ وڃيو ڪرن ٿا، تن کي هو اٿاري کڙو ڪري ٿو. هو ئي اسان ۾ رهندڙ ڌارين جي حفاظت ڪري ٿو، ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سنڀال لهي ٿو. بيشڪ خداوند سچارن کي پيار ڪري ٿو، جڏهن تہ بڇڙن جون راهون رد ڪري ڇڏي ٿو.


هائو، جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن ٻوڙا بہ دستاويز جون پڙهيون ويندڙ ڳالهيون ٻڌي سگھندا، ۽ انڌا، جيڪي اونداهيءَ دنيا ۾ ٿا گذارين، تن جون اکيون روشن ٿينديون ۽ اهي ڏسي وائسي سگھندا.


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم بني اسرائيل وارؤ! اي ٻوڙؤ! اوهين ٻڌو، اي انڌؤ! اوهين نظر ڪريو ۽ ڏسو.


اسين انڌن وانگر هٿوراڙيون ٿا هڻون. هائو، اسين ائين هٿوراڙيون ٿا هڻون، ڄڻ تہ اسان کي اکيون آهن ئي ڪونہ. اسين ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ ۾ بہ ائين ٿاٻا ٿا کائون، جيئن رات جو اونداهيءَ ۾. اسين ڄڻڪ مئلن جي اونداهي دنيا ۾ پيا رهون.


ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا.


اتان جي هڪ ڪنعاني عورت عيسيٰ جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سائين! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“


خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“


پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.


ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


”اوهين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ هو ڪنهن جي اولاد مان هوندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو دائود جي اولاد مان هوندو.“


پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ.


”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.


هو نبي هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو واعدو ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ