Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اٽڪل نائين بجي هو ٻيهر بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزدور بہ واندا بيٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ پهر کن کانپوءِ، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي بازار ۾ نڪمو بيٺل ڏٺائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اٽڪل نائين بجي هو ٻيهر بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزدور بہ واندا بيٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 پھر کن گذرڻ کان پوءِ ھو بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزور بہ واندا بيٺا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.


انهن کي چيائين تہ ’اوهين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق هوندو سو آءٌ اوهان کي ڏيندس،‘


اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس صليب تي چاڙهيو.


جڏهن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


هي ماڻهو مئي پي نشي ۾ نہ آهن جيئن اوهين سمجھو ٿا، ڇو تہ صبح جا اڃا نوَ ئي مس ٿيا آهن.


انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.


سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ