Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي کيس سجدو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ انهن کي بيت الحم ڏي روانو ڪيائين، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ننڍي ٻار جو احوال چڱيءَ طرح دريافت ڪريو؛ ۽ جڏهن اوهين انهي کي لهو، تڏهن مون کي اطلاع ڏجو، تہ آئون بہ اچي کيس سجدو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي سندس اڳيان سيس نوايان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيت⁠لحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.


تڏهن راڻي ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان الياس کي چوائي موڪليو تہ ”جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري مون تو سان ائين نہ ڪيو جيئن تو بعل جي انهن نبين سان ڪيو هو تہ پوءِ ڀلي تہ ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


تنهن تي هيروديس انهن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“


بادشاهہ جي حڪم موجب اهي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏهن اهو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو هئائون، تڏهن اهي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اهو تارو سندن اڳيان هلندو رهيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي اهو ٻار هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ