Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي راجڪمارن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان، ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين. ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو، جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


سندس ٻئي پٽ سلمون بيت‌لحم جو بنياد وڌو ۽ ٽيون پٽ خارف بيت‌جادر جو باني هو.


جيتوڻيڪ يهوداہ قبيلو زورآور هو ۽ حڪمران بہ انهيءَ قبيلي مان ٿيو، تنهن هوندي بہ پهريتي هئڻ جو حق يوسف کي ئي هو.


اهي ماڻهو جن جا وڏا هنن ننڍن وڏن شهرن ۾ رهندا هئا، تن جو تعداد هن طرح هو: بيت‌لحم شهر جا هڪ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا،


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


بني يعقوب جو اهو بادشاهہ پنهنجي حڪمراني قائم ڪندو، ۽ ادوم جي شهرن ۾ بچي ويل دشمنن کي برباد ڪندو.“


يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


وري ٻيو دفعو عيسيٰ هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“


ڇا پاڪ ڪلام نہ ٿو چوي تہ مسيح دائود جي نسل مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“


اهڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو خدا ڪليسيا جي لاءِ ڪيو،


اهو ئي ڪليسيا جو مٿو آهي جيڪا سندس بدن آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيئرو ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.


هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


جيئن مون کي پنهنجي پيءُ کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي شاهي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ