Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ”رامہ ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، روئڻ ۽ ڏاڍي ماتم جو، راخل پنهنجن ٻارن لاءِ پئي روئي، ۽ تسلي نٿي اچيس، ڇالاءِ جو آهن ئي ڪين“.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ”راما ۾ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنھنجن ٻارن لاءِ روئي ٿي، اھا روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ⁠تہ اُھي سڀ مري ويا آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي ڀائرن وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ ”ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“


سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بي‌اولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“


پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


اهو ويڙهوٽو کولي منهنجي آڏو رکيو ويو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي گھڻو ڪجھہ لکيل هو. هائو، انهيءَ ۾ آہ وَ زاري، روڄ راڙو ۽ ڏک جا لفظ لکيل هئا.


اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا يرمياہ نبيءَ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ


پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ زمين تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ