متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:13 - Muslim Sindhi Bible13 جڏهن اُهي هليا ويا تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible13 جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament13 جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.