Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:11
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندن پيءُ يعقوب کين چيو تہ ”جي ائين آهي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هيئن ڪريو جو هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجھو ۽ اهي سوکڙيءَ طور وزير اعظم لاءِ کڻي وڃو. تن ۾ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، کؤنر، مُرَ، پستا ۽ باداميون هجن.


پوءِ راڻيءَ بادشاهہ سليمان کي چار هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ سون، مصالحن جو وڏو مقدار ۽ قيمتي هيرا جواهر ڏنا. اهي مصالحا جيڪي شبا ملڪ جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان کي ڏنا تنهن جيترو گھڻو مقدار کيس وري ڪڏهن ڪٿان بہ ڪونہ مليو.


هوءَ هڪڙي وڏي اٽالي سان يروشلم ۾ داخل ٿي. پاڻ سان مصالحن، تمام گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان اٺ لڏي کڻي آئي. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


سو شل بادشاهہ سدائين جيئي، ۽ کيس شبا جو سون ڏنو وڃي! شل هن لاءِ هر دم دعائون گھريون وڃن، ۽ کيس سدائين برڪتون عطا ٿين.


اچو تہ اسين جھڪي انهيءَ کي سجدو ڪريون، ۽ پنهنجي خالق خداوند جي آڏو گوڏا کوڙيون.


”عبادت‌گاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر،


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”خوشبودار مصالحن مُرَ، مصطگي ۽ لاون سان گڏ خالص لوبان بہ کنيو وڃي ۽ اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن.


اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟


اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.


هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ واري تيل گڏيل ميدي مان، قربانيءَ تي رکيل سموري لوبان سميت مٺ ڀري ڪڍي ۽ اها قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


ٻارهن سونا لوبان‌دان هر هڪ جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ سؤ گرام هئي. انهن سڀني جي تور جملي هڪ ڪلوگرام ۽ ٻہ سؤ گرام هئي ۽ اهي لوبان سان ڀريل هئا.


عيسيٰ مسيح جي پيدائش هن ريت ٿي جو جڏهن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آهي.


عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.


تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کيس سجدو ڪندي چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آهين.“


۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“


تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو.


اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي.


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ بزرگ انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن بزرگن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون دعائون هيون.


پر ڪن خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگھندو؟“ انهن هن کي حقير ڄاتو ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون. پر سائول خاموش ئي رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ